قاضي انور احمد

قاضي انور احمد: انور احمد'>قاضي انور احمد ولد قاضي محمد هاشم، 18 ڊسمبر 1934ع تي موري ۾ ڄائو. بي. اي (آنرز)، ايل. ايل. بي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عھدي تي فائز ٿيو. سنڌي زبان ۽ ادب سان گھري دلچسپي رکندو هو. هڪ سٺو مضمون نگار ۽ افسانه نويس پڻ هو. سندس ڪيترائي مضمون ”نئين ۽ نرالي دنيا“ جي نالي سان 53- 1952ع ڌاري روزنامه ”نواءِ سنڌ“ ۾ ڇپيا. مھراڻ آرٽس ڪاليج مورو، جنھن سوسائٽيءَ طرفان هلندو هو، قاضي صاحب ان جو صدر هو. 1960ع ۾ ”تعارف نفسيات“ جي نالي سان نفسيات جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيل اٿس.


لفظ قاضي انور احمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.18  عيسوي

قاضي انور احمد ولد قاضي محمد هاشم ، 18 ڊسمبر 1934ع تي موري ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاٽائي محمود صديقي
جوڻيجو شاهنواز
دارا شاهه 1
شفيع لاهوري مولانا
ڀلوُ
رضوي سيد مير علي
سندر ڀڳوانداس
حاجي خميسو خان ميمڻ
انيس انصاري
رائڌڻ منڌرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون